پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي منع نامي کانپوءِ خاص عدالت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سفارتي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن سميت ٻيا اڊيالا جيل پهتا.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي منع نامي کانپوءِ خاص عدالت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي منع نامي بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي سرڪاري پراسيڪيوشن طرفان شاهد به پيش نه ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.