احمد آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي مينٽور ۽ اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر ميٿيو هيڊن بابرا عظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ واري فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ شرم جوڳي ڪارڪردگي کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بابر اعظم کي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي، بابر اعظم ويجهن ساٿين جي مشاورت کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سان ملاقات بعد ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي، ٽيسٽ ۽ ون ڊي جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪندي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته رانديگر طور پاڪستان لاءِ کيڏندو رهندس.
"They’ve potentially shot the gun a little bit early in terms of his leadership capabilities”@haydostweets discusses Babar Azam stepping down as Pakistan’s captain 🗣 https://t.co/aXy2I16Ygu #CWC23 pic.twitter.com/8Rem4w8jtc
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 17, 2023
ان حوالي سان مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو سان گفتگو ڪندي ميٿيو هيڊن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگيءَ تي تجزيو پيش ڪندي چيو ته ٽورنامينٽ ۾ نسيم شاهه انجرڊ هيو جڏهن ته شاهين آفريدي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي هئي جو هو ايشيا ڪپ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
هن چيو ته فخر زمان ٽورنامينٽ ۾ صحيح وقت تي پرفارم نه ڪري سگهيو ۽ جڏهن فخر فارم ۾ آيو ته شايد پاڪستان لاءِ گهڻي دير ٿي چڪي آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستان جي ٻنهي اسپنرز شاداب ۽ نواز جي هلندڙ سال ڪارڪردگي سٺي ناهي رهي، ٻنهي ورلڊ ڪپ ۾ خراب بالنگ ڪئي.
ميٿيو هيڊن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي عالمي ڪپ ۾ مختلف چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ ڪپتاني کان وڌيڪ ٽيم پرفارمنس اهميت رکي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته بابر اعظم جي ڪپتاني تي جنهن به فيصلو ڪيو ان حقيقتن کي نظرانداز ڪيو ڇو ته بابر اعظم جي ڪپتان طور بيٽنگ ايوريج پنجاهه آهي، هو هڪ فطري ليڊر آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته سندس قائداڻي صلاحيتن بابت مٿس وقت کان اڳ ئي آڱريون کنيون ويون، هو ڪرڪيٽ جي دنيا تي راڄ ڪرڻ وارو رانديگر آهي، مان کيس ڪپتاني تان هٽائڻ تي مايوس آهيان.