لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي سانحي بابت ڪيسن ۾ نامزد مشهور فيشن ڊيزائينر خديجا شاهه کي ٽيهه ڏينهن لاءِ نظربند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر لاهور خديجا شاهه جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خديجا شاهه کي نظربند ڪرڻ جو حڪم ايس پي ڪينٽ ۽ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ جي شفارش تي جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، خديجا شاهه نوَ مئي تي پرتشدد ڪارروائين ۾ شامل هئي ۽ هوءَ ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهي ٿي.
ياد رهي ته جناح هائوس لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ خديجا شاهه کي گرفتار ڪيو ويو هو.