تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سال 2024ع ۾ سڄي دنيا جي 76 ملڪن جا 4 ارب کان وڌيڪ عوام هڪ ئي سال ۾ پولنگ اسٽيشنن جو رخ ڪندي.
نئين سال ۾ دنيا جي اڌ آبادي کان وڌيڪ آبادي پنهنجن ملڪن جي نئين قيادت جو چونڊ لاءِ ووٽ وجهندي.
جنوري ۾ تائيوان کان شروع ٿيندڙ چونڊن جو سلسلو بنگلاديش، پاڪستان، انڊونيشيا، روس، ڀارت، برطانيا کان ٿيندو آمريڪا جي صدارتي چونڊن تائين ويندو.
برازيل ۽ ترڪيه ۾ عام چونڊون ته نه ٿينديون، پر لوڪل ۽ ميونسپل چونڊون ٿينديون.
اهڙيءَ طرح ايندڙ سال يورپي يونين جي 27 ميمبر ملڪ به نيون پارليامينٽ جو چونڊون ڪرائيندا.
Prev Post
Next Post
You might also like