ٿولهه سبب قيدي جيل مان آزاد

روم (ويب ڊيسڪ) هڪ اطالوي عدالت پنهنجي پارٽر کي قتل ڪندڙ شخص کي سندس ٿولهه سبب جيل مان آزاد ڪري گھر ۾ نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ديمتري فريڪانو نالي اهو شخص 30 ورهين جي سزا ڪاٽي رهيو آهي.
عدالت جو چوڻ هو ته جيل ۾ ملندڙ خوراڪ جوابدار کي ڊائيٽ پلان (مخصوص خوراڪ جيڪا مريضن کي ڏني ويندي آهي) تي عمل پيرا ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھي.
ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار 2017ع ۾ پنهنجي گرل فرينڊ ايريڪا کي ڏند چڪ ٿيڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو.
پهريان ته هن قتل کان انڪار ڪيو پر پوليس جاچ ۾ ثابت ٿي ويو ته قتل انهيءَڪيو هو، جنهن تي هن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو ته ايريڪا کيس ايريڪا کيس بستري تي کائڻ پيئڻ جو شيون رکڻ تي دڙڪا ڏنا هئا جنهن تي هن ڇرين جا وار ڪري کيس قتل ڪيو.
عدالت جوابدار کي 2020ع ۾ 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جيل ۾ قيد دوران سندس وزن خطرناڪ انداز ۾ وڌڻ لڳو ۽ هو ان حالت ۾ نه هو پنهنجو وزن گھٽائي سگھي، سزا جي وقت سندس وزن 120 ڪلو هو جيڪو وڌي 200 ڪلو ٿي ويو.
جنهن جي ڪري هو گھمڻ ڦر يا بيهڻ جوڳو به هو ۽ ويل چيئر استعمال ڪندو هو.
عدالت چيو ته جوابدار کي جيل ۾ گھٽ ڪيلوريز واري خوراڪ فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري کيس قيد رکڻ خطر هوندو ڇو جو خراب حالت سبب سندس موت جو امڪان آهي.
جوابدار کي گھر ۾ نظربند ڪرڻ جي فيصلي تي مقتولا ايريڪا جي والدين سخت احتجاج ڪندي ان فيصلي کي شرم جوڳو قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.