ڇا چانهه يا ڪافي پيئڻ سان ننڊ متاثر ٿيندي آهي؟

آمريڪي ماهرن طرفان ڪيل هڪ تازي تحقيق ۾ خبر پئي آهي چانهه يا ڪافي پيئندڙن جي ننڊ متاثر ناهي ٿيندي، پر سندن ننڊ جو وقت گھٽجي سگھي ٿو.
ننڊ متاثر ٿيڻ مان مراد ننڊ نه اچڻ آهي، يعني اهڙي ننڊ جنهن ڪجهه مسئلن سبب انسان جي اک هر هر کُلي وڃي.
ماهرن مختصر تحقيق ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته چانهه يا ڪافي سميت شراب واپرائڻ ڪيئن ننڊ کي متاثر ڪري ٿو؟
طبي رسالي پلوس ۾ ڇپيل تحقيق موجب واشنگٽن اسڪول يونيورسٽي جي ماهرن 17 ڪاروباري مردن تي 6 هفتن تائين تحقيق ڪئي ۽ انهن کي ٻن مختلف ڌڙن ۾ ورهائي انهن جي مانيٽرنگ ڪئي وئي.
تحقيق دوران هڪ گروپ جي ماڻهن رات جو شراب واپرايو جڏهن ته ٻئي گروپ جي ماڻهن کي ڏينهن ۾ ڪيفين يعني چانهه ۽ ڪافي جو استعمال ڪرايو ويو ۽ ان کان پوءِ ماهرن سندن ننڊ مانيٽر ڪرڻ لاءِ هنن جي ڊجيٽل مانيٽرنگ ڪئي.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي نتيجن کي ڏٺو ويو ته گڏيل طور تي اها ڳالهه ثابت ٿي ته چانهه يا ڪافي ننڊ کي وڏي پيماني تي متاثر نٿي ڪري.
ماهرن موجب ننڍي پيماني تي يل تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڪجهه ماڻهن طرفان چانهه يا ڪافي جو هڪ ڪوپ پيئڻ کان پوءِ سندن ننڊ جو وقت 10 منٽ گھٽجي ويندو آهي.
يعني چانهه يا ڪافي جا روز 4 ڪپ استعمال ڪيا وڃن ته گڏيل طور تي ننڊ 40 منٽن تائين گھٽجي سگھي ٿي پر سراسري طور اهڙا ماڻهو 7 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ڪندا آهن.
تحقيق مان خبر پئي ته سڄي ڏينهن ۾ ڪم دوران چانهه يا ڪافي پيئندڙ رات جو گڏيل طور تي 7 ڪلاڪ 20 منٽ سمهندا آهن، پر ڄاڻايل تحقيق تمام ٿورن رضاڪارن تي ڪئي وئي.
ان کان اڳ ڪيل مختلف تحقيقن ۾ اها دعويٰ ٿي چڪي آهي ته چانهه يا ڪافي انسان کي سرگرم رکڻ ۾ مددگار هوندي آهي ۽ ان جي وڌيڪ استعمال سان ننڊ ڪرڻ ۾ مسئلا ٿي سگهن ٿا.
عام طور تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ دوران ماڻهو چانهه ۽ ڪافي پيئڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ته جيئن اهي ڦڙت انداز ۾ ڪم ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.