سياري ۾ خارڪن جا 5 وڏا فائدا

خارڪن کي سپر فوڊ چيو ويندو ڇو جو اِها اُها شيءِ آهي جنهن ۾ ذائقي سان گڏ ڪيترائي فائدا لڪيل آهن جيڪي صحت لاءِ ضروري آهن، هر ڪنهن کي خارڪون خاص طور تي سياري ۾ پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي ڇو جو ان جو تاثير گرم هوندو آهي.

اڌ نومبر گذري چڪو آهي ۽ ملڪ ۾ سياري جي شروعات به ٿي وئي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي خوراڪ ۾ موسم جي مناسبت سان شيون شامل ڪنداسين ته نه رڳو اهي اسان جي جسم ۾ ڀرپور توانائي فراهم ڪنديون پر مختلف بيمارين کان به محفوظ رکنديون.

خارڪن ۾ قدرتي مٺاڻ سان گڏ ضروري وٽامنز، معدنيات، فائبر، ڪيلشم، پوٽاشم، فاسفورس ۽ ميگنيشم هوندو آهي، ان کانسواءِ ان ۾ حل ٿيندڙ ۽ نه حل ٿيندڙ فائبرز به هوندا آهن جيڪي هاضمي جي نظام کي ٺيڪ رکندا آهن.

ماهرن موجب خارڪن ۾ شفا ڏيندڙ قوت هوندي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 قسمن جون خارڪون هونديون آهن جن ۾ گلوڪوز، سوڪروز ۽ فرڪٽوز هوندوآهي.

اچو ته خارڪن کي فائدن تي نظر وجهون ٿا:

هڏن جي صحتلاءِ فائديمند

هڏن ۾ سور ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جي کوٽ سبب ٿيندو آهي ۽ خارڪن ۾ نه رڳو ڪيلشم پر وٽامن ڊي سميت فائبرز، منرلز ۽ ڪيترن ئي قسمن جون وٽامنز قدرتي طور تي هونديون آهن جيڪي جسم جي هڏن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ انهن ۾ سور ناهن ٿيڻ ڏينديون.

سياري ۾ گھڻا وڏي عمر جا ماڻهو سنڌن ۾ سور جي شڪايت ڪندا آهن، تنهنڪري ان لاءِ خارڪون بهترين غذا آهن.

جسم کي گرمائش پهچائين ٿيون.

خارڪون سياري ۾ جسم کي گرم رکڻ لاءِ ضرورت گرمائش فراهم ڪنديون آهن. خارڪن کي ڪيترن ئي پڪوانن ۽ شربتن ۾ قدرتي مٺاڻ جي طور تي به استعمال ڪري سگھجي ٿو، يعني جيڪڏهن اوهان ڪو مٺو تيار ڪريو ٿا ته ان ۾ کنڊ جي جاءِ تي خارڪون شامل ڪريو، يا ملڪ شيڪ يا سموٿي ۾ کنڊ جي جاءِ تي خارڪون شامل ڪري سگهجن ٿيون.

کَلَ کي خوبصورت بنائين ٿيون

جيئن اسان زندهه رهڻ لاءِ خوراڪ کائيندا آهيون ۽ گاڏين جي خوراڪ ٻارڻ هوندو آهي تيئن ئي اسان جي کُلَ جون به ڪجهه ضرورتون آهن ۽ سياري ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ کل جو خيال رکيو ويندو آهي ڇو جو خشڪي جي ڪري کل خراب ٿي ويندي آهي.

خارڪون قدرتي طور تي کل کي توانائي فراهم ڪنديون آهن، سياري۾ کل پنهنجو قدرتي تيل وڃائي ڇڏيندي آهي، خارڪن جو استعمال کل بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتن سان خارڪون کل کي جوان بڻائڻ ۽ فري ريڊيڪلز جي ڪري ٿيندڙ نقصان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.

معدي جا مسئلا حل ڪنديون آهن.

سياري ۾ جسم جو ميٽابولز سست ٿي ويندو آهي، ان ڪري اهو ميوو هاضمي جا مسئلا ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، خارڪ هاضمي کي سولو بڻائيندي آهي ۽ کاڌو سولائي سان هضم ٿي ويندو آهي، ان کانسواءِ اهي وڏي آنڊي جي ڪينسر جي خطري کي گھٽائينديون آهن.

آئرن سان ڀرپور

خارڪون آئرن سان مالامال هونديون آهن جيڪي هيموگلوبن جي سطح کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿيون.

اڄ ڪالهه عورتن ۾ آئرن جي کوٽ عام آهي ۽ اها کوٽ صحت جي ڪيترن ئي مسئلن جهڙوڪ توانائي جي گھٽتائي، هارمونل مسئلا، گھٽ قوت مدافعت، وار ڇڻڻ، کل ڦڪي ٿيڻ، حمل دوران پيچيدگين جا مسئلا حل ڪري سگھن ٿيون.

آئرن سان ڀرپور خارڪون هيموگلوبن جي سطح کي برقرار رکنديون آهن ۽ رت جي ڳاڙهن جزن (ريڊ بلڊ سيلز) جي پيداوار کي وڌائينديون آهن، اهو ئي سبب جو آهي ڳورهارين عورتن کي خارڪون کائڻ جي تجويز ڏني ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.