بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي اگهن ۾ واڌ جي هڪ ٻي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن سان واهپيدارن تي اربين رپين جو بار پوندو.
بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين اگهن ۾ واڌ لاءِ درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن سان واهپيدارن تي 8 ارب 71 ڪروڙ رپين جو بار پوندو.
ڪمپنين طرفان درخواست هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.