سعودي عرب ۽ قطر مان سيڙپڪاري لاءِ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت سعودي عرب ۽ قطر سان ٻه طرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاهدن ۽ منصوبن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ايف بي آر جي سفارش تي بئنڪن جي غير معمولي منافعي تي 40 سيڪڙو ٽيڪس جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 ۾ سيڪشن 99 ڊي به متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان کانسواءِ ٽريڊ آرگنائيزيشنز جي ريگيوليٽرز بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، واپار وارو وزير ڪميٽي جو ڪنوينر، جڏهن ته ميمبرن ۾ قانون ۽ منصوبابندي وارو وزير شامل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.