فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) گورنمينٽ ڪاليج (جي سي) يونيورسٽي فيصل آباد جي شاگردياڻي طرفان گارڊ کان معافي گهرائڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ شاگردياڻي گارڊ کي چئي ٿي ته هو پاڻ کي بُرو چئي ۽ معافي به گهري، جنهن کانپوءِ گارڊ زمين تي ويهي معافي ٿو گهري.
اهو واقعو 3 ڏينهن پيش آيو، شاگردياڻين جو الزام آهي ته گارڊ وڊيو ٺاهڻ کان روڪڻ دوران بدتميزي ڪئي هئي.
شاگردياڻين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گارڊ اڪثر موبائل فون کسي وڊيوز ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آهن.
يونيورسٽي ترجمان موجب انتظاميا گارڊ کي معطل ڪري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، شاگردياڻي خلاف ڊسيپلين ڪميٽي انڪوائري ڪري رهي آهي.
You might also like