پابندي پيل سرنجن جي وڪري تي ڊريپ اهم قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊريپ پابندي پيل سرنجن جي تياري ۽ وڪري جو نوٽيس وٺندي مارڪيٽ سروي جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.
صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم جام پابندي پيل روايتي سرنجن جي وڪري جو نوٽيس ورتو، هن لاڳاپيل اختيارين کي پابندي پيل روايتي سرنجن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪارروائين جي هدايت ڪري ڇڏي.
روايتي پابندي پيل سرنجن خلاف ايڪشن لاءِ صوبائي ڊريپ آفيسن کي خط به موڪليو ويو آهي، ڊريپ ترجمان موجب ڊاڪٽر نديم جان جي هدايت تي پابندي پيل سرنجن بابت هڪ مارڪيٽ سروي شروع ٿي رهي آهي.
ڊاڪٽر نديم جان چيو ته ڊريپ فيلڊ آفيسن، صوبائي صحت کاتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، روايتي سرنجن جو هر هر استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون، پابندي پيل دوائن جي تياري ۽ وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.