اڳوڻي وڏي وزير سميت 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتون ن ليگ ۾ شامل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نواز شريف اڄ بلوچستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو، جتي هن مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت ن ليگ جي اعليٰ قيادت ڪوئيٽا ۾ موجود آهي.
ڪوئيٽا ۾ ن ليگ ۾ سياسي شخصيتن جي شموليت جي تقريب ٿي، جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، پرويز رشيد سميت ٻيا موجود هئا.
30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل)، نيشنل پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پ پ جا اڳوڻا پارليامينٽ ميمبر شامل آهن.
بي اي پي مان ن ليگ ۾ شامل ٿيندرن ۾ اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال، مير سليم کوسا، نور محمد، ربابه بليدي، سردار عبدالرحيم کيٿران، محمد خان لهري، سردار مسعود، شعيب نوشيرواڻي، عاصم ڪرد، رامين محمد حسني ۽ دوستين ڊومڪي.
نيشنل پارٽي جي مجيب حسني، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ بي اين پي جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر زينت شاهواڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي خان محمد جمالي، سردار عاطف سنجراڻي به ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
پ پ جو سعيد الحسن مندوخيل، سردار فتح محمد حسني ۽ فائق جمالي به ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا.
ن ليگ قائد نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف بلوچستان جي سڀني سياسي شخصيتن کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.