اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فيض حميد خلاف معيز احمد جي درخواست اڪلائيندي لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار معيز احمد، فيض حميد خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جي درخواست ڪئي، فيض حميد تي لڳايل الزام سنگين نوعيت جا آهن، درخواستگذار موجب سندس گهر ڀاتين کي غير قانوني طور تحويل ۾ رکيو ويو، درخواستگذار موجب فيض حميد جي چوڻ تي کانئس قيمتي سامان ڦريو ويو، فيض حميد ان تي ۽ گهر ڀاتين تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا.
سپريم ڪورٽ لکت فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت سوال ڪيو اهو ڪيس عام مفاد جو ڪيئن ٿو ٿئي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو سپريم ڪورٽ کانسواءِ ڪارروائي لاءِ ڪو لاڳاپيل فورم نٿو ٺهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل موجب درخواستگذار فيض حميد خلاف بچاءَ واري وزارت سان رابطو ڪري سگهي ٿو، درخواستگذار جي الزامن تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 3/184 جي معيار تي پورو نه لهڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي.
Prev Post
You might also like