ڀارت-نيوزيلينڊ سيمي فائنل، موسم ڪيئن هوندي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ سڀاڻي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

هيءَ ميچ روهت شرما جي هوم گرائونڊ وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي گروپ اسٽيج ۾ ناقابلِ شڪست رهي ۽ 9 مان 9 ئي ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن ماڻي.

هاڻي ڀارتي ٽيم جون نظرون سيمي فائنل ۾ ڪيويز کي مات ڏئي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ يقيني بڻائڻ چاهيندي، پر ان کان اڳ ممبئي ۾ موسم ڪئين هوندي ان بابت ڄاڻي وٺئون ٿا.

ڀارتي موسميات کاتي موجب، اربع جي ڏينهن ممبئي ۾ آسمان صاف هوندو، گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ  ۽ وڌ کان وڌ 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو.

ميچ دوران برسات جو ڪو امڪان نه آهي، پر ميچ دوران برسات جي صورت ۾ ڪرڪيٽ شوقينن کي گهٻرائڻ نه گهرجي ڇو ته آءِ سي سي سيمي فائنل لاءِ ريزرو ڊي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.