ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري تحسين فاطمه انساني حقن واري وزير سان اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
هيومن رائٽس سيڪريٽري چيو آهي ته انساني حقن واري وزير عمر سومرو سان اختلافن واريون ھلندڙ خبرون بي بنياد آهن، عمر سومرو جي هدايت تي انساني حقن واري کاتي ۾ وڌيڪ بهتري آندي وئي آهي.
هن چيو ته صوبائي وزير سمورن مسئلن کي ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي، صوبائي وزير سان ڪنهن به معاملي تي اختلاف ناهن، هر معاملي کي قانون موجب حل ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته مون کي انساني حقن واري سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائڻ جون خبرون به بي بنياد آهن، ڪوڙيون خبرون نه هلايون وڃن.
Prev Post
You might also like