ويجهڙ ۾ آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل افغانستان خلاف ناقلِ يقين ڊبل سينچري اسڪور ڪري اڪيلي ئي ٽيم کي هارايل ميچ کٽرائي، ان ميچ کي اڃا ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا آهن جو آسٽريلوي ڪلب ڪرڪيٽر پنهنجي بالنگ ذريعي ٽيم کي ظاهري طور هارايل ميچ ۾ حيرت جوڳي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، يارنهن نومبر تي آسٽريليا جي ڪلب ڪرڪيٽ ۾ گولڊ ڪوسٽ جي پريميئر ليگ ڊويزن ٿري جي چاليهه اورون جي ميچ ۾ سرفرز پيراڊائز ڪلب ۽ مدگيرابا ڪلب جون ٽيمون آمهون سامهون هيون.
179 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙيندي سرفرز پيراڊائز ڪلب جي ٽيم کي کٽڻ لاءِ آخري اوور ۾ رڳو پنج رنسون گهربل هيون جڏهن ته انهن جون اڃا ڇهه وڪيٽون باقي هيون.
مخالف ٽيم خلاف پنج رنسون بچائڻ لاءِ مدگيرابا جي ڪپتان گيرٿ مورگن پاڻ اوور هلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه ائين ٿيو جيڪو اڄ کان پهرين ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو هيو.
مدگيرابا جي ڪپتان مورگن ناقابلِ يقين بالنگ ڪندي ڇهن بالن تي ڇهه وڪيٽون حاصل هارايل بازي کٽي ڪرڪيٽ شوقينن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
گيرٿ مورگن جو پهريون شڪار سرفرز پيراڊائز جو اوپنر گارلينڊ بڻيو جيڪو 65 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ايندڙ ٻئي بيٽرز به ڪيچ آئوٽ ٿيا، مورگن هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي.
‘We just sort of laughed about it, there’s not much else you can do’
The first batsmen to fall in Surfers Paradise CC’s ‘shocking’ six-wicket collapse on Saturday has revealed he and his teammates were ‘stunned’ after the historic loss 😯https://t.co/TabWD7XvUk
— Fox Cricket (@FoxCricket) November 12, 2023
پر هن اتي ماٺ نه ڪئي پر ايندڙ ٽن بالن تي وڌيڪ ٽي وڪيٽون حاصل ڪري سرفرز پيراڊائز جي پوري ٽيم 174 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڇهن بالن تي ڇهن بيٽرز کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ مدگيرابا جا رانديگر ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي گهڻو خوش ٿيا ۽ ان کي ناقابلِ يقين ڪارنامو قرار ڏنو.
ياد رهي ته پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوور ۾ بالر طرفان سڀ کان وڌيڪ پنج وڪيٽون ورتيون ويون آهن،
نيوزيلينڊ جي نيل واگنر 2011ع ۾ ويلنگٽن خلاف هڪ اوور ۾ پنج وڪيٽون ورتيون هيون.
ان کانسواءِ 2013ع ۾ بنگلاديش جي ڪلب ڪرڪيٽر الامين حسين ۽ 2019ع ۾ ڀارت جي ڪلب ڪرڪيٽر اڀيمنيو مٿن به هڪ اوور ۾ پنج، پنج وڪيٽون حاصل ڪري چڪا آهن.