عام چونڊن لاءِ ڊجيٽل انفارميشن ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن لاءِ ڊجيٽل انفارميشن ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، ڪميشن عالمي مبصرن کي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جڏهن ته ڄاڻ جي وقت تي فراهمي لاءِ ڊجيٽل انفارميشن ايپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب عالمي مبصرن لاءِ خاص فيچرز ايڪريڊيشن ڪارڊن جي ڇپائي آخري مرحلي ۾ داخل آهي، عالمي مبصر پرڏيهي وزارت جي آن لائن سروس تي درخواست ۽ ويزا حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي پرڏيهي وزارت عالمي مبصرن جي مڪمل فهرست فراهم ڪندي.
اليڪشن ڪميشن ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مبصرن جي سيڪيورٽي ڪليئرنس گهرو وزارت ڏيندي، يورپي يونين، ڪامن ويلٿ سميت مختلف فورمز کي خط موڪليا ويا آهن.
عالمي مبصرن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ هڪ ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي ۽ چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرز جي آفيسن ۾ سهولت سينٽر قائم ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.