ڊرم مان عورت ۽ مرد جا تشدد ٿيل لاش هٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي نشتر ڪالوني ۾ ڊرم مان عورت ۽ مرد جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، پوليس مقتولن جي سڃاڻپ ۽ ٻٽي قتل جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
لاهور جي نشتر ڪالوني ۾ ڊرم مان عورت ۽ مرد جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
راهوسين شڪي ڊرم ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن تي نشتر ڪالوني ٿاڻي جا اهلڪار پهچي ويا ۽ ڊرم کوليو ته ان مان هڪ عورت ۽ هڪ مرد جا ٻوري بند لاش مليا.
پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪري سڃاڻپ ۽ ٻٽي قتل جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته ٻنهي کي ڇو قتل ڪيو ويو؟
مقتولن جي عمر 40 کان 45 سالن جي وچ ۾ آهي، پوليس موجب ٻنهي کي تشدد ڪري ماريو ويو پر حتمي سبب ڄاڻڻ لاءِ لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.