شاگردن لاءِ ڪهڙا ملڪ بهترين آهن؟ اهم خبر

پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو خواهشمند آهي، گذريل ڪجهه سالن دوران انهن جي انگ ۾ وڏي واڌ به ٿي آهي.
انهن شاگردن جو مقصد اتي تعليم سان گڏ بهتر ملازمت به حاصل ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن سان معاشي مستقبل کي به محفوظ رکي سگهن.
ان حوالي سان نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختيار احمد شاگردن کي ڪارائتي صلاح ڏني آهي.
هن چيو ته ڪجهه سالن دوران سامهون ايندڙ ملڪ جي معاشي حالتن کي ڏسندي شاگرد ۽ انهن جا والدين مستقبل جي حوالي سان خدشن جو شڪار هوندا آهن ۽ ان جو ڪو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
آءِ ٽي ايجوڪيشن ۾ اسڪالر شپ بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته مختلف ترقي يافته ملڪن جون ڪمپنيون چاهين ٿيون ته پاڪستاني گريجوئيٽس جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ ان لاءِ اهي اسان سان باقاعدي طور رابطي ۾ رهن ٿيون.
هن ٻڌايو ته سعودي عرب، چين، جرمني، برطانيا، روس ۽ هنگري پاڪستاني شاگردن جي اسڪالر شپس جي انگ ۾ واڌ ڪئي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
ڊاڪٽر مختيار احمد چيو ته جيڪي به اسڪالر شپس اينديون آهن، انهن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويندو آهي ته جيئن شاگردن کي فائدو پهچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.