هوڏي فلسطينين ۽ هتي افغانين سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڪجهه خدا جو خوف ڪيو: ن ليگ سينيٽر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته افغان پناهگير ٻڪرين جو ڌڻ ناهي، اسان کي غير رجسٽرڊ افغانين جو پتو لڳائڻ جو ڪو طريقي ڪار ٺاهڻو پوندو، افغانستان ۾ بدامني جو اثر پاڪستان تي پوندو آهي.
سينيٽ اجلاس سان خطاب ڪندي عرفان صديقي چيو ته هڪ پاسي فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي اسان زيادتي ڪري رهيا آهيون، اسان 40 سال انهن کي رکيو، هاڻ ڪڍي رهيا آهيون، افغان پناهگيرن کي تهذيب ۽ طريقي سان واپسي جو رستو ڏيکاريو.
هن چيو ته ڏاڍ ۽ ظلم سان افغان پناهگيرن کي بي دخل نه ڪيو وڃي، افغانستان ۾ بدامني جي لهر اٿندي آهي، ان جو اثر پاڪستان تي به پوندو آهي، 80 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پناهگيرن جي آمد ٿي، اسان ان وقت جنگ ۾ شريڪ هئاسين، اسان 40 سالن ۾ افغان پناهگيرن بابت واضح پاليسي نه ٺاهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪي پناهگير آيا، انهن جا ٻار ڄاوا، هتي انهن جا نسل پيدا ٿيا، افغان پناهگيرن جي 3 نسل پيدا ٿي چڪا آهن، اسان کي هاڻ احساس ٿيو آهي ته اسان کان غلطي ٿي.
عرفان صديقي چيو ته اڳ ۾ اسان انهن کي ٻانهون کولي آندو، هاڻ زبردستي ڪڍي رهيا آهيون، ڇا افغانين کي ويزا جاري ڪئي وئي هئي، ڇا اهي ٽئنڪن تي آيا هئا؟ هلو مڃون ٿا غير رجسٽرڊ کي رهڻ جي اجازت ناهي پر جيڪي رجسٽرڊ آهن انهن کي به تنگ ڪيو پيو وڃي، هتي ته افغان پناهگيرن کي ڏنڊا هنيا پيا وڃن.
هن چيو اسان غزا لاءِ ته آواز اٿاريون ٿا پر هتي افغانين کي ڪڍي رهيا آهيون، ظلم ٿي رهيو آهي، ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، اسان دوکو ڏيڻ لاءِ چئي رهيا آهيون ته افغانين کي نه پرڏيهين کي ڪڍي رهيا آهيون، پڇان ٿو ته ڇا هتي آمريڪا جا پرڏيهي آباد آهن، جن کي ڪڍي رهيا آهيو؟ توهان افغانين کي دشمن بڻائي موڪلي رهيا آهيو، ڏنڊا هڻي نه ڀڄايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.