ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ عورت ٽڪ ٽاڪر طرفان اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن نيٽ فليڪس جي فلم مان پريشان ٿي گهٻراهٽ ۾ ٽوٿ پيسٽ بدران سور واري دوا سان ڏندڻ ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ عورت چوي ٿي ته اهو حادثو نيٽ فليڪس جي ڊاڪيومينٽري فلم ڊيوڊ بيڪهم کي ڏسڻ دوران پيش آيو.
عورت اعتراف ڪيو ته اها غلطي مبينا طور تي سور مان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ڪريم کي ٽوٿ پيسٽ سمجهڻ سبب ٿي.
عورت جو موقف هو ته اهڙي دوا ۽ ٽوٿ پيسٽ هڪ جهڙيون هيون.
تنهن بعد عورت فوري ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري علاج ورتو.