رابي پيرزادا اسرائيل خلاف آواز نه اٿارڻ تي ملاله تي ڪاوڙجي پئي

شوبز جي دنيا کي الوداع چوندڙ رابي پيرزادا نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي تي تنقيد ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي رابي پيرزادا غزا ۾ اسرائيلي جارحيت تي ملاله يوسفزئي سامهون سوال اٿاريا.
رابي پيرزادا هڪ ڏکوئيندڙ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ اسرائيلي فوج جي بلڊوزر کي هڪ معصوم فلسطيني شهري تي چڙهندي ڏسي سگهجي ٿو.
رابي پيرزادا وڊيو شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ”ڇا دنيا ۾ ڪو انسان آهي، جيڪو انهن اسرائيلي حيوانن کي روڪي؟“
پوسٽ ۾ رابي گڏيل قومن کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته ”اهو سڀ ڇا آهي؟ اسان اهو ظلم ڪيئن ٿيڻ ڏئي رهيا آهيون؟“
هن نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ”توهان اسرائيل خلاف سنيجده احتجاج ڇو نه پيا ڪيو؟ ڇو چُپ آهيو؟ نيٺ هن بي حس دنيا سان مسئلو ڪهڙو آهي؟“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.