بابر اعظم اڃا سکي رهيو آهي، کيس ڪپتاني تان نه هٽايو: مڪي آرٿر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر ڏکيائين جي شڪار ڪپتان جي حمايت ڪري ڇڏي، هو چوي ٿو ته کيس اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو.

پاڪستاني ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر بابرا اعظم کي ڪپتان برقرار رکڻ جومطالبو ڪندي  چيو ته بابر اعظم سان گڏ بيٺو آهيان، هو نوجوان آهي ۽ کيس اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته بابر اعظم هر وقت سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته هو بهترين بيٽر آهي، ڪپتاني به مسلسل سکي رهيو آهي، هو اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ کيس اڳتي وڌڻ ڏيجي.

مڪي آرٿر چيو ته عالمي ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگيءَ جا ٻه سبب آهن، هڪ ته بيٽنگ جي لحاظ کان اسان به ڀارت، ڏکڻ آفريڪا 7 آسٽريليا وانگر 330، 350 جي ٽيم آهيون، ٻيون ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچي ويون اسان پوئتي رهجي وياسين ناڪامي جو ٻيو ڪارڻ سان جي بالنگ هئي.

هن چيو ته حارث رئوف نئين بال جو بالر ناهي، نسيم شاهه جي انجري سبب اسان کي نقصان ٿيو، اسپنر پنهنجو جادو جاڳائڻ ۾ ناڪام رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.