ڪنهن جي مدد نه پنهنجي ڪارڪردگي تي چونڊ وڙهنداسين، ”پاڪستان مهانگائي ليگ“ کي شڪست ملندي: بلاول ڀٽو زرداري

مٺي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن جا نتيجا اڳ ئي ڪمري ۾ ويهي تيار ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جيان ڪاميابي جا خواب ڏسندڙ ”پاڪستان مهانگائي ليگ“ کي عوام 8 فيبروري تي شڪست جي صورت ۾ جواب ڏيندو.
مٺي ۾ عوامي جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه قوتون اڄ به ملڪ ۾ ورهاست جي سياست چاهين ٿيون ته جيئن عوام پاڻ ۾ متحد نه ٿي سگهي، پ پ ان خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، پ پ عوام کي متحد ڪرڻ ۽ بنا رنگ ۽ نسل جي خدمت جي سياست ڪئي آهي.
هن چيو ته عوامي حڪومت ٺهندي، اسان اشرافيا کي نه عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين، حڪومت ۾ اچي بينظير انڪم سپورٽ جيان هاري ڪارڊ به آڻينداسين ته جيئن هارين کي ڀاڻ ۽ ٻج جي مدد ملي سگهي، جڏهن ته بيروزگاري جي حوالي سان هڪ ڪارڊ آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته اڃا چونڊ شيڊيول جو اعلان ناهي ٿيو پر اڄ عوام جي جوش ۽ جذبي سان ٿرپارڪر جو فيصلو ٿي ويو آهي، 8 فيبروري تي ٿرپارڪر مان تير جي فتح ٿيندي، ٿرپارڪر ۾ ترقياتي ڪم پ پ جي ڪارڪردگي آهي، ڪير اچي پڇا ڪري ته هتي پ پ جي حڪومت ۾ ڪيترو ڪم ٿيو.
بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي ته پ پ جو ڪو سياسي مخالف ناهي، ڪا اهڙي جماعت ناهي، جنهن کي مان مخالف مڃي سگهان، منهنجي مخالف بي روزگاري، مهانگائي ۽ غربت آهي، اسان گڏجي مقابلو ڪنداسين ۽ عوام کي ان جو حق ڏينداسين.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪمرن ۾ ويهي چونڊن جا نتيجا ۽ منصوبا ٺاهيندڙن کي پ پ 8 فيبروري تي جواب ڏيندي، اسان ڪنهن جي مدد سان نه پر پنهنجي ڪارڪردگي تي چونڊ وڙهنداسين، جيڪڏهن عوام فيصلو حق ۾ ڏنو ته خدمت جاري رکنداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي چونڊيو ته به نتيجا قبول ڪنداسين، اسان جا دوست شايد اهو سمجهي رهيا آهن ته اهي پي ٽي آءِ جي نقل ڪري چونڊون وڙهي سگهن ٿا ته کين 8 فيبروري تي جواب ڏينداسين ۽ پاڪستان مهانگائي ليگ کي شڪست ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.