ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اهم اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن دوران سياسي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، ن ليگ اڳواڻن اياز صادق ۽ سعد رفيق ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران چونڊون وقت سر ڪرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب نواز شريف پنجاب ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي بلوچستان تي نظر رکي رهيو آهي، جنهن لاءِ هو سڀاڻي بلوچستان جو دورو ڪري رهيو آهي جتي هو صوبي جي 20 کان وڌيڪ اهم سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ اهم سياسي کلاڙين جي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو امڪان آهي.