”ڪنهن جي پرواهه نه ڪندي حماس قيادت سان مليس، انهن کي پاڪستان مان اميد آهي“

مري (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان حماس قيادت سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو فلسطين سان گڏ آهي، حماس به وضاحت سان چيو ته دنيا ۾ اسان جي اميد پاڪستان آهي.
مري ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطين ۾ اسان جون مائرون ۽ ڀينرون شهيد ٿيون آهن، فلسطين ۾ ڊڄڻا ٻارن ۽ عورتن تي بمباري ڪري رهيا آهن، فلسطين وارا اسان جا ڀائر آهن، سڄي مسلم امت انهن سان گڏ بيٺي آهي، آمريڪا، برطانيا، فرانس ۾ به فلسطيني عوام تي ظلم خلاف احتجاج ٿيو.
هن چيو ته جنگ جا به اصول هوندا آهن، انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آهن؟ افغانستان مان روس ۽ آمريڪا کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪڏهن آمريڪا پاڻ کي سپر پاور سمجهي ٿو ته احمق آهي، اسان به آمريڪا کي جيڪڏهن سپر پاور سمجهون ٿا ته احمق آهيون، آمريڪا، اولهه دنيا بحري ٻيڙا آڻي حمايت ڪري سگهن ته مسلمانن کي ڪهڙو نانگ سنگهي ويو آهي؟
سندس چوڻ هو ته مان ڪنهن جي پرواهه نه ڪندي ملڪ جي نمائندگي ڪندي حماس قيادت سان ملاقات ڪئي، حماس چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ جيڪو موقف ڏنو، ان جو قدر ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.