بابر جي ڪپتاني بابت مڪي آرٿر جو اهم بيان اچي ويو

 

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي ته اسان پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ نه کيڏي، اسان کي پنهنجي راند جو معيار بهتر بڻائڻو پوندو.

ڪلڪتي ۾ انگلينڊ خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر چيو ته اسان کي بيٽنگ ۾ 300، 350 رنسون تسلسل سان ٺاهڻيون پونديون، جيڪي ٽيمون وڏو اسڪور ڪري رهيون آهن، اهي ئي ڪامياب ٿي رهيون آهن، ڪوچ هر ميچ ۾ رانديگرن کي 300 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو چوندا آهن.

هن چيو نسيم شاهه جي موجودگي سان بالنگ بهتر هجي ها، ان سان شاهين کي به اٽيڪ جو موقعو ملي ها، حارث رئوف سٺو بالر آهي پر هو پراڻي بال سان سٺي بالنگ ڪندو آهي ۽ نئين بال جو بالر ناهي.

سندس چوڻ هو ته اسان نسيم شاهه جي غير موجودگي جو بهانو نه بڻائينداسين، سٺي راند نه کيڏي سين، سٺا اسپنر نه ملڻ مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي.

مڪي آرٿر چيو ته منهنجي مڪمل سپورٽ بابر اعظم سان گڏ آهي، هو نوجوان آهي، اڃا سکي رهيو آهي، بابر کي موقعو ڏيڻ گهرجي، هو غلطين مان سکندو، غلطي ڪرڻ ڏوهه ناهي، هر ڪو غلطي ڪندو آهي، بابر سدائين پراعتماد هوندو آهي.

هن چيو اهڙو ماحول ضروري آهي، جنهن ۾ رانديگر کلي کيڏي سگهن، ٽيم ۾ بهتري لاءِ تسلسل ضروري آهي، سليڪشن ۾ تسلسل ضروري آهي، اسان جو فوڪس هاڻ آسٽريليا خلاف سيريز تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.