هڪ ٻئي شهري جو موت، ڪراچي ۾ نگليريا خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نگليريا وائرس سبب هڪ ٻيو شخص فوت ٿي ويو، مريض کي 9 نومبر تي طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

ڪراچي ۾ نگليريا وائرس خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، ڪراچي ۾ اسڪيم 33 گلشن معمار جو 38 ورهين جو رهواسي نگليريا سبب فوت ٿي ويو.

گلشن معمار واسي کي 7 نومبر تي بخار، مٿي ۾ سور ۽ الٽي ٿي، هو 8 نومبر تائين گهر ۾ رهيو ۽ تجويز ڪيل دوائون استعمال ڪيائين.

مريض کي 9 نومبر تي طبعيت بگڙڻ تي نجي اسپتال جي ايمرجنسي ۾ آندو ويو، جتي دل جو ڌڙڪو آهستي ٿيڻ سبب کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو ۽ طبي امداد جي فراهمي دوران هو لاڏاڻو ڪري ورو.

ڪراچي ۾ نگليريا سبب فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي، سنڌ جي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر خالد نياز عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.