دمشق (ويب ڊيسڪ) شام ۾ ايران جي هڪ فوجي ٿاڪ تي آمريڪي هوائي جهازن حملو ڪري ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پينٽاگون تصديق ڪئي آهي ته حملو شام ۾ ايران جي پاسداران انقلاب ۽ ان جي حمايت رکندڙ مليشيا جي هڪ فوجي ٿاڪ تي ڪيو ويو.
آمريڪا جي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن ٻڌايو ته عراق ۽ شام ۾ آمريڪي فوج کي نشانو بڻائڻ جي جواب ۾ بن ايف 15 ويڙهاڪ جهازن پاسداران انقلاب جي ٿاڪن تي بمباري ڪئي.
هن اهو ناهي ٻڌايو ته انهن حملن ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا پر انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس تصديق ڪئي ته آمريڪي حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.
اهڙيءَ طرح تنظيم اهو به ٻڌايو ته 10 کان 30 آڪٽوبر دوران اسرائيلي فوج به شام ۾ ايراني ٿاڪن تي 16 هوائي راڪيٽ حملا ڪيا.
You might also like