چترال ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چترال جي سرحدي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز چترال جي سرحدي علائقي ارسون ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فوجي اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 سخت زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي ۽ مقامي ماڻهن دهشٽگردن خلاف سيڪيورٽي آپريشن کي ساراهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.