پهريون ڀيرو ميئر، وڏو وزير ۽ وزيراعظم به جيالو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 8 فيبروري تي صوبائي سان گڏ وفاقي حڪومت ٺاهڻ جي به دعويٰ ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هن ڀيري جيالو وزيراعظم ٿيندو، ڪراچي جو عوام پ پ سان گڏ آهي، پهريون ڀيرو هوندو جو وڏو وزير، ڪراچي جو ميئر ۽ وزيراعظم جيالو هوندو.
هن چيو ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، اسان پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين، پاڪستان جو عوام هن وقت ڏکيائين ۾ آهي، نوجوان ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پ پ کي ڪنهن به چونڊ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي، پ پ ئي چونڊون کٽيندي، پ پ جو منشور ئي اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، ماڻهو ڏسندا ته اسان ڪيئن پاڪستان جي قسمت تبديل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.