ورلڊ ڪپ: ڀارت جي هوا انٽرنيشنل رانديگرن جي صحت لاءِ به هاڃيڪار

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ سموگ سبب بگڙجندڙ صورتحال ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ آيل انٽرنيشنل رانديگرن لاءِ به مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا.
سموگ سبب رانديگر صحت لاءِ هاڃيڪار هوا ۾ ساهه کڻڻ تي مجبور آهن.
ٻئي پاسي هوا ۾ گدلاڻ جي نگراني ڪندڙ ڪمپني آءِ ڪيو ايئر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ڀارت جي جن وڏن شهرن ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جون ميچون ٿي رهيون آهن انهن مان ڪٿي هوا صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ته ڪٿي انتهائي هاڃيڪار آهي.
نئين دهلي، ممبئي ۽ ڪولڪتا جهڙا شهر فضائي گدلاڻ ۾دنيا جي ڏهن وڏن شهرن ۾ شامل آهن.
سومر واري ڏينهن دهليءَ ۾ ميچ کان اڳ بنگلاديش ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جا ڊاڪٽرن جي مشورو تي پريڪٽس سيشن رد ڪيا ويا، ڪجهه رانديگرن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت تي هوٽل منتقل ڪيو ويو.
آءِ ڪيو ايئر گذريل هفتي نئين دهلي کي دنيا جو سڀ کان گدلي ترين شهر قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.