آسٽريليا هٿان افغانستان کي شڪست، گلين ميڪسويل جي معذرت!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ست آڪٽوبر تي ڀارتي شهر ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي يادگار ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ آسٽريليا افغانستان کان يقيني فتح کسي ورتي.
آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل افغانستان جي ڪاميابي جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا.
128 بالن 201 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهيندڙ ميڪسويل پنهنجي اننگز ۾ ڏهه ڇڪا ۽ 21 چوڪا هنيا .
ميچ کانپوءِ گلين ميڪسويل سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو ۽ ميچ کانپوءِ پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ميڪسويل لکيو ته مان سڀني جي محبتن سبب تمام گهڻو پرجوش آهيان.


هن چيو ته محبتن ڀريا پيغام موڪلڻ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، ڪپتان پيٽ ڪمنز شاندار ساٿ ڏنو، معذرت مان ڊبل وٺڻ کان انڪار ڪندو رهيس.
ياد رهي ته ميڪسويل افغانستان خلاف بيٽنگ ڪندي مسلز پُل ٿيڻ سبب سخت تڪليف جو شڪار نظر آيو، هڪ وقت هيو جڏهن سندس جاءِ تي ايندڙ بيٽر ايڊم زمپا اچڻ لاءِ تيار هو پر ميڪسويل کيس روڪي ڇڏيو.
هو ڪريز تي بيٺو رهيو ۽ چوڪا ڇڪا هڻندو رهيو، هو ڊوڙي رنسون ٺاهڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو انڪري ڪمنز وڌ کان وڌ اسٽرائيڪ ميڪسويل کي ڏنو.
پيٽ ڪمنز 68 بالن تي 12 رنسون ٺاهيون، هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته صرف 91 رنسن تي آسٽريليا جون ست وڪيٽون ڪِري پيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.