سسٽم ۾ خرابي، 10 ملين کان وڌيڪ ماڻهو انٽرنيٽ کان محروم

هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آسٽريلين شهري هن وقت موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي سروس کان محروم ٿي ويا جڏهن تهملڪ جي ٻين وڏي نيٽورڪ آپريٽر ڪمپني جون سروسز اوچتو بند ٿي ويون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا جي ٻئي وڏي نيٽورڪ آپريٽر سروس ڪمپني OPTUS جون سروسز مقامي وقت موجب صح جو 4 وڳي متاثر ٿيون جنهن جي ڪري ٽرين سروس جو آن لائين پيمينٽ آپريشن سسٽم به مفلوج ٿي ويو.
آسٽريلوي حڪومت جو چوڻ آهي ته نيٽورڪ آپريٽر سروس ڪمپني جي خرابي سبب موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي.
نيٽورڪ آپريٽر سروس ڪمپني جي سي اِي او هڪ انٽرويو دوران سائبر حملي جي سختي سان ترديد ڪئي پر هن سروسز جي معطلي جا سبب به ناهن ٻڌايا.
هن انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس جي معطلي کي غير معمولي قرار ڏيندي چيو ته OPTUS جي سافٽ ويئر سسٽم ۾ مسئلو ٿيو، اسان جو سسٽم گھڻو مضبوط آهي، اهو گھڻو غير معمولي واقعو آهي، اسان جي ٽيم ان تي ڪم ڪري رهي آهي، جلد ان کي حل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.