ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”ويوو“ مهانگائي جي دور ۾ ”واءَ“ سيريز جو سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي بيٽري ۽ ڪيمرائن سبب مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني هلندڙ سال اڳ ئي واءِ سيريز جا مختلف فون متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ ڪمپني ”واءِ 27 ايس“ کي پيش ڪيو آهي جيڪو ”واءِ 27“ سيريز جو حصو آهي.
”واءِ 27 ايس“ کي 6.4 انچن جي اسڪرين سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ان کي اينڊرائڊ 13 آپريٽنگ سسٽم سان ليس ڪيو ويو آهي.
مناسب قيمت واري ان فون جي بيڪ ٻه ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل ۽ ٻي ڪيمرا 2 ميگا پڪسل جي آهي.
فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي، پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرائن کي جديد ٽيڪنالوجي سان اپگريڊ پڻ ڪيو ويو آهي.
فون کي 8 جي بي ريم ۽ 128 ۽ 256 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
”واءِ 27 ايس“۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته ان کي طاقتور بيٽري ۽ فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 44 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته زيرو بيٽري کي 30 منٽن ۾ اڌ کان وڌيڪ چارج ڪري سگھجي ٿو.
ڪمپني فوري طور تي فون کي رڳو انڊونيشيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.
ڪمپني 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري جي مادل جي قيمت پاڪستاني 50 هزار رپيا رکي آهي، پر امڪاني طور تي ان کي پاڪستان ۾ پيش ڪرڻ وقت ان ۾ وڌيڪ گھٽتائي ڪئي ويندي.
فون کي قيمت ۽ ڪيمرائن سميت بيٽري جي حوالي سان بهترين قرار ڏنو پيو وڃي.
You might also like