همايون سعيد کي شوبز جي ڇوڪرين جو وڏو سور آهي:حبا علي خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حبا علي خان چيو آهي ته همايون سعيد کي شوبز انڊسٽري جي ڇوڪرين جو وڏو سور آهي، هو سڀني جو خيال رکندو آهي، حساس طبيعت جو شخص آهي.
هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي حبا علي چيو ته ننڍي عمر ۾ هڪ ڪزن مون تي فدا هيو، آئون هن سان شادي ڪرڻ جي چڪر ۾ هيس پر هنن ماءُ کي انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته هوءَ اهو ڪزن بهانا بڻائي هن جي گھر ايندو رهندو هو، ايتري تائين جو هن کي ٽيوشن به پڙهائيندو هو ۽ پڙهائڻ دوران ڪاغز تي پين سان ٻيون ڳالهيون لکندو هو.
اداڪارا موجب جيتوڻيڪ هو سندس ڪزن هو هوءَ کيس ڀاءُ چوندي ۽ سمجهندي هئي ان ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ اهي جذبا نه هئا.
اداڪارا ٻڌايو ته هاڻي ڄاڻايل ڪزن شادي ڪري چڪو آهي ۽ هن کي ٻار به آهن.
اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته شوبز انڊسٽري جو اهو ڪهڙو مرد آهي جنهن جي دل ۾ ڇوڪرين لاءِ گھڻو سور آهي ته هن همايون سعيد جو نالو ورتو.
حبا علي خان جو چوڻ هو ته همايون سعيد سڀني جو خيال رکندو آهي، سندس دل ۾ گھڻو سور آهي، هو ڇوڪرين جو احساس ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.