انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ ماڻهن ڇا سرچ ڪيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل ويب سائيٽس بابت عالمي شماريات اداري جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.

ورلڊ آف اسٽيٽسٽڪس سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي سال 2023 ۾ سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل ويب سائيٽن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

هن لسٽ موجب هن سال انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل ويب سائيٽ گوگل آهي.

مشهور ويب سائيٽن جي لسٽ ۾ گوگل کان پوءِ يوٽيوب ٻئين، فيس بڪ ٽئين، انسٽاگرام چوٿين، ايڪس (ٽوئٽر) پنجين، بي ڊو ڇهين، وڪيپيڊيا ستين، ياهو اٺين، Yandex نائين ۽ واٽس اپ ڏهين نمبر تي آهي.

سال 2023 ۾ انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل ويب سائيٽن جي لسٽ ۾ ٽاپ 10 ويب سائيٽس مان 8 ويب سائيٽس آمريڪا، 1 ويب سائيٽ چين ۽ هڪ ويب سائيٽ روس جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.