ڪانگو وگهي ڪوئيٽا جو ڊاڪٽر فوت، مريض ڪراچي منتقل، خوف ۽ هراس پکڙجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جي صورتحال سنگين ٿي وئي، جتي هڪ مريض فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ ڪريمين ڪانگو هيمرجگ فيور (سي سي ايڇ ايف) وائرس سان متاثر وڌيڪ 5 مريضن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ بلوچستان مان آندل مريضن جو ڪُل انگ 11 ٿي ويو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪوئيٽا سان واسطو رکندڙ ڪانگو بخار جي 11 مريضن کي آغا خان يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هن نشاندهي ڪئي ته اسپتال مرض جي سڃاڻپ لاءِ پنهنجي طريقي ڪار موجب عمل ڪري رهي آهي، وبا سبب ڪوئيٽا جي مختلف اسپتالن ۾ هراس پکڙجي ويو آهي، خاص طور تي بيمار ڊاڪٽر جي ڪراچي منتقلي دوران موت کانپوءِ ڪراچي ۾ به ڳڻتي وڌي وئي آهي.
سنڌ جي صحٽ کاتي 8 بسترن تي ٻڌل سي سي ايڇ ايف آئسوليشن يونٽ قائم ڪيو آهي، جتي عملو 24 ڪلاڪ موجود رهندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ اڃا تائين اهڙو ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.