نئون چيف سليڪٽر اچي ويو، اهم ٽاسڪ ڏنو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ توصيف احمد کي چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب توصيف احمد کي عبوري چيف سليڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته وجاهت الله واسطي جونيئر ٽيم جو چيف سليڪٽر هوندو.

توصيف احمد جو پهريون سائنمينٽ آسٽريليا دوري لاءِ ٽيم جي چونڊ ڪرڻ آهي.

ياد رهي ته انضمام الحق طرفان استعيفيٰ ڏيڻ بعد چيف سليڪٽر جو عهدو خالي هو.

خيال رهي ته آفريدي کي اهم ذميواري ڏيڻ جو امڪان هو.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.