رڪن ٻرڙا (قربان علي لغاري) رڪن ٻرڙا ۾ سماجي براين بابت عوامي آواز ۾ ڇپيل خبر جو ايس پي سانگهڙ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سنجهورو کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
رڪن ٻرڙا ۾ سماجي براين بابت خبر عوامي آواز ۾ ڇپي هئي، جنهن تي ايس پي سانگهڙ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سنجھورو کي پابند ڪيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسڪول جي وقت ھوٽلن ۾ فلمون بند رکيون وڃن ته جيئن شاگردن جي تعليم ۾ ڪو خلل نه پئي.
سياسي سماجي ڌرين سماجي براين خلاف آواز اٿارڻ تي عوامي آواز جي واکاڻ ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ جا ٿورا مڃيا آهن.
رڪن ٻرڙا: سماجي براين بابت عوامي آواز ۾ ڇپيل خبر تي ايس پي سانگهڙ جو نوٽيس، اهم هدايتون جاري
You might also like