ڪوئا به تصور ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا:تحقيق

ميريلينڊ (ويب ڊيسڪ) انسان جي حيثيت طور اسان پنهنجن خيالن ۾ رهندا آهيون، ڪو رات جي کائڻ لاءِ ڇا پچائڻو آهي ان بابت سوچيندو آهي ته ڪو ڪنهن خوبصورت سمنڊ جي ڪناري تي موڪلون گذارڻ بابت خواب ڏسندو آهي پر ڇا ڪو جانور به اهڙا ئي خواب ڏسندو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب هوگورٽس هيوجس ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ (ايڇ ايڇ آءِ اي) جي جينيليا رسرچ ڪيمپس جي محققن نئين مطالعي ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته جانور به خيالن جا ملڪ هوندا آهن. لي اينڊ هيرس ليبز جي هڪ ٽيم ڪوئن جي خيالن جي جاچ لاءِ ورچوئل ريئلٽي ۽ دماغي مشين جي انٽرفيس کي ملائي نئون نظام تيار ڪيو.
هنن ڄاتو ته انسانن جيان جانور به انهن هنڌن ۽ انهن شين بابت تصور ڪري سگھن ٿا جيڪي انهن جي آڏو ناهن. پنهنجن خيالن جو استعمال ڪندي ڪنهن به هنڌ تي هلڻ يا ڪنهن ڏورانهين شيءِ کي ڪنهن خاص هنڌ تي منتقل ڪرڻ جو تصور ڪري سگھن ٿا.
انسانن جيان جڏهن ڪوئا هنڌن ۽ واقعن جو تجربو ڪندا آهن ته دماغ جي حصي هيپوڪيمپس ۾ خاص اعصابي سرگرمي جا همونا سرگرم ٿي ويندا آهن. هيمپوڪيمپس دماغ جو هڪ اهڙو علائقو هوندو آهي جيڪو مقامي يادداشت لاءِ ذميوار آهي. نئين مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ڪوئا رضاڪاراڻي طور تي ان ۾ اهڙي سرگرمي جا پيٽرن پيدا ڪري سگھن ٿا جن سان اهي ڏورانهن هنڌن جو تصور ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.