سنڌ جي جيلن ۾ ڪيترا افغان قيدي موجود آهن؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد افغانين جو انگ سامهون اچي ويو.
ملڪ ۾ موجود غير قانوني افغانين کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي پر افغان قيدين جو مستقبل ڇا آهي، ان جو فيصلو ٿيڻ باقي آهي.
رپورٽ موجب سنڌ جي 13 جيلن ۾ 794 افغان قيدي موجود آهن، 661 افغان قيدين جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
ڪراچي جي لانڍي جيل ۾ سڀ کان وڌيڪ 656 افغان قيدي موجود آهن، لانڍي جيل ۾ 73 سزا يافته قيدي به آهن پر 33 اهڙا قيدي به آهن، جن کي ملڪ بدر ڪرڻو آهي.
انگن اکرن موجب سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 2، سينٽرل جيل سکر ۾ 3، سينٽرل جيل لارڪاڻي ۾ 7، سينٽرل جيل خيرپور ۾ 4، سينٽرل جيل ميرپورخاص ۾ 2 قيدي موجود آهن.
ان کانسواءِ وومين جيل ڪراچي ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ٻه عورت قيدي به موجود آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ جيل بدين ۾ 27، ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ ۾ 5 ۽ ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ 4 قيدي آهن.
ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻي ۾ 5 ۽ ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور ۾ 3 قيدي موجود آهن، جيڪي جيلن تي واڌو بار سان گڏ ملڪي ناڻي تي به بار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.