”460 ارب اسان جا آهن“ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ کان بحريا ٽائون جا پئسا گهري ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس ۾ 460 ارب رپيا جمع ڪرائڻ جي معاملي تي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ 21 مارچ 2019 ۾ بحريا ٽائون طرفان ملير ڊويلپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) ۾ 16 هزار ايڪڙ زمين جي خريداري لاءِ 460 ارب رپين جي آڇ قبول ڪئي هئي، جنهن تي هاڻ سنڌ حڪومت حق جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ڌار درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته بحريا ٽائون طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رقم سنڌ حڪومت کي ڏني وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع رقم سنڌ حڪومت جي آهي، سنڌ حڪومت کي ترقياتي منصوبن جي سخت ضرورت آهي.
سنڌ حڪومت پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي 4 مئي 2018 جي فيصلي ۾ 16 هزار ايڪڙ جي ملڪيت سنڌ حڪومت جي تسليم ڪري چڪي آهي ۽ بحريا ٽائون جي قسطن ۾ دير جي الڳ درخواست 2020 ۾ رد ڪري چڪي آهي.
سنڌ حڪومت درخواست ۾ چيو آهي ته بحريا ٽائون جي نئين درخواست جو مقصد قسطن جي ادائيگين ۾ دير آهي، بحريا ٽائون 16 هزار ايڪڙ عيوض 460 اربن جون قسطون جمع ڪرائڻ جو پابند آهي، سپريم ڪورٽ ادائيگي جو حڪم بحريا ٽائون جي رضامندي سان ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.