تبديل ٿيندڙ موسم ۾ کَلَ جو خيال ڪيئن رکجي؟

موسمون مٽجڻ سبب انساني جسم تي ان جا نمايان اثر پوندا آهن، جنهن سان سڏي ريت کَلَ متاثر ٿيندي آهي، خاص طور تي حساس کَلَ کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.
کَلَ تي خشڪي يا کَلَ ڦاٽڻ جي شڪايت کان بچڻ لاءِ مختلف احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته سياري جي موسم صحتمند طريقي سان گذاري سگھجي ٿي.
ان حوالي سان هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ کَلَ جي مرضنجي ماهر ڊاڪٽرياڻي عائشه حميرا ان پريشاني کان ڇوٽڪار حاصل ڪرڻ لاءِ احتياطي تدبيرن ۽ علاج جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته عام طور تي موسم جي تبديلي جي ڏينهن ۾ ڏينهن جو گرمي ۽ رات جو ٿڌ پوندي آهي اهڙي صورتحال ۾ کَلَ کي موئسچرائز ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي باڊي لوشن يا ڪريم ۾ ڪجهه وٽامن اي ڪيپسول جو محلول شامل ڪرڻ سان کَلَ دير تائين نرم رهندي آهي.
هن بڌايو ته سياري جي موسم ۾ کَلَ تي ڌيان ڏيڻ گھڻو ضروري آهي ۽ هونئن به کَلَ جي حفاظت لاءِ سڄوسال موئسچرائزر جو استعمال به ضروري آهي جنهن لاءِ پيٽروليم جيلي به فائديمند آهي.
ڊاڪٽر عائشه چيو ته ايلو ويرا جو استعمال به سٺا نتيجا ڏيندو آهي ايلو ويرا جيل هر قسم جي کَلَ ۽ هر موسم لاءِ هڪ جهڙي فائديمند هوندي آهي جيئن ئي موسم تبديل ٿيڻ شروع ٿئي ته ڏينهن جو هڪ ڀيرو ايلوويرا جيل چهري تي ضرور لڳايو.
کان کانسواءِ هٿ منهن ڌوئڻ يا وهنجڻ لاءِ هلڪي گرم پاڻي جو استعمال ڪريو، عام طور تي اهو وهم ڪيو ويندو آهي ته سياري جي موسم ئي بيمارين جو سبب آهي جڏهن ائين ناهي، انسان ٿڌي هوا سبب بيمار ناهي هوندو پر مخصوص جراثيم هوندا آهن جيڪي رڳو ٿڌ ۾ ئي واڌ ويجهه ڪندا آهن ۽ سياري جي موسم ايندي ئي فعال ٿي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.