دعائن جو اثر، پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ سولو، وڏي خوشخبري اچي وئي

بينگلور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي آخري ميچ سريلنڪا خلاف کيڏندي ۽ سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ڪيويز جي ان ميچ ۾ ڪاميابي لازمي آهي پر ان کان اڳ پاڪستانين لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي.
نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ 9 نومبر خميس ڏينهن بينگلور ۾ کيڏي ويندي پر موسميات کاتي ميچ جي ڏينهن شديد برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي خميس ڏينهن بينگلور ۾ 70 سيڪڙو برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب بينگلور ۾ چئن ڏينهن تائين لڳاتار برساتن سبب گرائونڊ جي آئوٽ فيلڊ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
جيڪڏهن نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ميچ ۾ برسات سبب نٿي ٿئي ته ان جو پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ قومي ٽيم انگلينڊ کي هارائي سڌي ريت سيمي فائنل ۾ پهچي ويندي.
جيڪڏهن ڪيوي ٽيم سريلنڪا کي هارائي ٿي ۽ پاڪستان انگلينڊ کي هارائي ٿو ته فيصلو رن ريٽ تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.