ڪراچي: ڪياماڙي ۾ مين هول مان پراڻا هٿيار هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ ميل هول مان پراڻو هٿيار هٿ آيا آهن، هٿيار زنگيل ۽ خراب حالت ۾ آهن.
ايس ايس پي ڪياماڙي موجب ويسٽ وهارف ڪياماڙي تي پي ٽي سي ايل جي مين هول مان پراڻا هٿيار برآمد ٿيا، مين هول ۾ هٿيارن جي موجودگي جو اطلاع پي ٽي سي ايل ايڪسچنيج ملازم ڏنو.
برآمد هٿيارن ۾ 3 ايس ايم جي رائفلون، 12 بور جو رپيٽر ۽ مختلف هٿيارن جون گوليون شامل آهن، هٿيار پراڻا، زنگيل ۽ خراب حالت ۾ آهن، جن کي فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي.
ڊاڪس ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.