ڪيويز خلاف فتح کانپوءِ پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟ مونجهارا برقرار

ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ٻه قيمتي پوائنٽون حاصل ڪري ورتيون ۽ هاڻ گرين شرٽس کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ رڳو هڪ ڪاميابي جي ضرورت آهي پر شرط اهو آهي ته نيوزيلينڊ آخري ميچ هارائي.
نيوزيلينڊ جي آخري ميچ سريلنڪا سان ۽ پاڪستان جي آخري ميچ انگلينڊ سان آهي، جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي آخري ميچ کٽي ۽ نيوزيلينڊ آخري ميچ هارائي ته پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو پر جيڪڏهن ٻئي ٽيمون پنهنجي آخري ميچ کٽين ٿيون ته رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو.
هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته نيوزيلينڊ جي آخري ميچ ۾ برسات جا تمام گهڻا امڪان آهن، جيڪڏهن برسات سبب ميچ نه ٿي سگهي ۽ پاڪستان آخري ميچ کٽي ويو ته پوءِ سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو.
هوڏانهن افغانستان جون ٻه ميچون رهيل آهن ۽ اهو به سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل آهي، جيڪڏهن افغانستان ٻئي ميچون هارائي ويو ته 8 پوائنٽن سان آئوٽ ٿي ويندو پر جيڪڏهن هڪ ميچ کٽي ٿو ته پوءِ رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو، جنهن ۾ افغانستان تمام گهڻو پوئتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.