اچو ته اوهان کي ڏسون ٿا، حماس اسرائيلي فوج کي ڦاسائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس غزا شهر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ اسرائيلي زميني فوج کي گھيرڻ ۽ شڪست ڏيڻ جون مڪمل تياريون ڪري ورتيون.
حماس جي اعليٰ قيادت جي ويجهن ذريعن پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته حماس غزا پٽي ۾ نتيجو ڏيندڙ جنگ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي.
حماس جو خيال آهي ته هو پنهنجي دشمن اسرائيل کي جنگبند تي مجبور ڪرڻ لاءِ ان جي اڳڀرائي ڊگھي عرصي تائين روڪي سگھي ٿي.
نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي حماس جي اعليٰ عهديدار ٻڌايو ته حماس هٿيارن، ميزائيلن، خوراڪ ۽ دوائن جو ذخيرو گڏ ڪري رکيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي ذريعن جو چوڻ هو ته حماس کي يقين آهي ته هزارين ويڙهاڪ فلسطيني علائقي جي هيٺان کوٽيل سرنگهن جي شهر ۾ مهينن تائين زندهه رهي سگھن ٿا ۽ شهري گوريلا سازشن سان اسرائيلي فورسز کي مايوس ڪري سگهن ٿا.
حماس جو خيال آهي ته اسرائيل جو گھيرو ختم ڪرڻ لاءِ عالمي دٻاءُ وڌندو ڇو جو شهرين جي شهادتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان لاءِ اسرائيل جنگبندي ۽ ڳالهين ذريعي سوديبازي ڪرڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.
ذريعن ٻڌايو ته ان سان حماس اسرائيلي يرغمالين جي عيوض هزارين فلسطيني قيدين جي آزادي جهڙن ٺوس مطالبن سان گڏ جنگبندي جو مطالبو ڪندي.
حماس جي اعليٰ اختياري ۽ وائيٽ هائوس جي سوچ مان واقف شخص موجب حماس قطر جي ٽياڪڪڙي ۾ يرغمالين جي آزادي جي ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو ان کانسواءِ يرغمالين عيوض فلسطيني قيدين جي آزادي جي مطالبي تي عملدرآمد چاهين ٿا.
ان کانسواءِ حماس جو بنيادي هدف اسرائيل جي غزا تي 17 سالن جي ناڪه بندي کي ختم ڪرڻ آهي. حماس، اسرائيلي وسندين جي واڌ کي به روڪڻ چاهي ٿي.
حماس يروشلم ۾ مسجد الاقصيٰ ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري کي به ختم ڪرڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.