ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ميٽا جي ماتحت فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي استعمال ڪندي واهپيدار ڳالهه بولهه دوران اي آءِ دوست بڻائي سگھندا.
انسٽاگرام طرفان اهڙي فيچر بابت آگاهه ڪرڻ اهو ٻڌائي ٿو ته ميٽا پنهنجن واهپيدارن لاءِ هٿرادو ذهانت جي مختلف فيچرز تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي استعمال ڪندي اهي ڳالهه ٻولهه ڪري سگھندا.
ان نئين فيچر جو مقصد ماڻهن جي اڪيلائپ کي ختم ڪرڻ آهي ۽ ان فيچر کي استعمال ڪندي ماڻهو پنهنجي اي آءِ دوستن جي چونڊ ڪندي انهن سان ڳالهائي سگھندا.
پليٽ فارم ۾ ان نئين فيچر جي نشاندهي ايپ محقق ايليسينڊرو پيلوزي طرفان ڪئي وئي. پر ڪمپني ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڄاڻايل فيچر جي حوالي سان ظاهر ٿيندڙ ڪوڊ ٻڌائي ٿو ته ماڻهو پنهنجي اي آءِ دوست جي جنس، عمر ۽ قوميت جو تعين ڪري سگھندا. کان پوءِ انهن ڪردار جي شخصيت جي خاصيتن جو تعين ڪري سگھبو.
آخر ۾ ان دوست جو نالو ۽ چهرو ڏئي سگھبو ۽ واهپيدار ان سان انسٽاگرام جي ڊائريڪٽ ميسيج فيچر ذريعي ڳالهائي سگھندا.
You might also like