اسرائيل فلسطينين جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿو: برطانوي تاريخدان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي تاريخدان وليم ڊال رمپل چيو آهي ته نيتن ياهو حڪومت غزا ۾ فلسطينين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آمريڪي صحافي مهدي حسن جي شو ۾ پيش ڪيل شاهديون شيئر ڪندي برطانوي تاريخدان چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو، سندس جنرلز ۽ وزير واظح طور تي غزا جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا يا وري سندن نسل ڪشي ڪري کين مصر جي سينائي رڻ ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا.
هن صحافي جي پروگرام ۾ پيش ڪيل شاهدين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي اسرائيل جي موجودا سول ۽ فوجي قيادت جا تصديق ٿيل، انتهائي ڳجها بيان ۽ وڊيو ڪلپ آهن.

سندس چوڻ هو ته انهن وڊيوز ۾ غزا پٽي جي فلسطينين کي مبينا طور تي انساني جانور چيو ويو آهي ۽ والاريل پٽي کي تباهه ڪرڻ سان گڏ اتي فلسطينين جي نسل ڪشي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
وليم ڊال رمپل جو چوڻ هو ته انهن شاهدين کان پوءِ ڪنهن کي به اسرائيل جيڪنهن به بيان يقين نه ڪرڻ گھرجي ته اهو سويلينز کي قتل ڪرڻ کان پاسي جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، رڳو مخصوص هدفن تي بمباري ڪري رهيا آهن، يا وري انهن کان به بدتر اهو بيان ته اسرائيلي فوج دنيا جي سڀ کان اخلاقي فوج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.